چائو يو گوانگ
چائو يو گوانگ | |
---|---|
(چيني ۾: 周有光) | |
معلومات شخصيت | |
ڄم جو نالو | (چيني ۾: 周耀平) |
ڄم | 13 جنوري 1906 [1][2] |
موت | 14 جنوري 2017 (111 سال)[1][2] |
شھريت | چين جمھوريا چين (1912ء–1949ء) |
ٻارن جو تعداد | |
عملي زندگي | |
پيشو | ترجميڪار |
ڪم جي ٻولي | چيني ٻولي [3]،انگريزي ٻولي ،فرانسيسي ٻولي ،جاپاني |
دلچسپي | لسانيات [4]،چيني ٻولي [4] |
ويب سائٽ | |
IMDB تي صفحو[5] | |
ترميم |
چائو، چُنگ جي شاهي گهراڻي جي صاحبي (انگريزي ٻولي: Qing Dynasty) واري زماني ۾ 1906ع ۾ ڄائو هو، پوءِ اڳتي هلي چين جي ڪميونسٽ حڪمرانن جو سخت مخالف ٿي ويو.
پن ين
[سنواريو]چائو يو گوانگ چيني: 周有光 يا زائو يو گوانگ (انگريزي ٻولي: Zhou Youguang)، چيني ٻوليءَ کي رومن اسڪرپٽ يا رومن رومن لپي يعني پن ين (Pinyin) جو ٺاهيندڙ ۽ چيني ٻوليءَ کي پن ين تي آڻڻ جو بُنياد رکندڙ ۽ مهندار هو.
سوانح
[سنواريو]چائو (Zhou)، ڪميونسٽ پارٽيءَ طرفان رومن لپي ٺاهڻ واري ڪاميٽيءَ جي انچارج يا سرواڻ جي حيثيت ۾، 1950ع ۾ چيني ٻوليءَ لاءِ پن ين يعني لکڻ ۽ پڙهڻ جو هڪ اهڙو نظام ٺاهڻ لاءِ جاکوڙ شروع ڪئي، جنهن جي ذريعي چيني ٻوليءَ کي رومن الفابيٽ ۾ لکي ۽ پڙهي سگهجي ۽ ٽن سالن جي لڳاتار جاکوڙ ۽ محنت کانپوءِ نيٺ چائو پن ين لپي ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
نئين لپيءَ نه رڳو ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ سٺو سوڻ ثابت ٿي، پر ان تعليم جي واڌاري ۽ عام ماڻهن تائين تعليم پهچائڻ ۾ پڻ اهم ڪرادار ادا ڪيو.
چائو، جواني ۾، آمريڪا ۾ پڻ رهيو ۽ وال اسٽريٽ ۾ بروڪر جي طور تي ڪم پڻ ڪيائين.
چائو، 1949ع ۾، چين ۾ ڪميونسٽ انقلاب اچڻ کانپوءِ موٽي آيو ۽ چيني بوليءَ لاءِ رومن لپي ۾ اهڙو نظام ٺاهڻ جي ڪاميٽيءَ جو انچارج مقرر ڪيو ويو، جنهن تحت چيني ٻوليءَ کي رومن يا انگريزي الفابيٽ جي ذريعي لکي ۽ پڙهي سگهجي.
هن هڪ ڀيري 1912ع ۾، بي بي سي وارن کي ٻڌايو ته، اسان کي چيني ٻوليءَ لاءِ رومن لپي يا پن ين ٺاهڻ ۾ ٽي ورهيه محنت ڪرڻي پئي، پر چيني ٻوليءَ لاءِ ٺاهيل رومن لپي يا پن ين جو شروع ۾ ماڻهو مذاق اڏائيندا هئا ۽ چٿرون ڪندا هئا ۽ اسان کي چيني ٻوليءَ کي انگريزي الفابيٽ جي 26 اکرن تي آڻڻ لاءِ نه رڳو ڊگهو وقت لڳو، پر ان حوالي تمام گهڻي محنت پڻ ڪرڻي پئي. [6]
ديهانت
[سنواريو]چائو يو گوانگ، 14 جنوري، 2017ع تي، ڇنڇر جي ڏهاڙي، 111 ورهين جي ڄمار ۾، بيجنگ (Beijing) ۾ ديهانت ڪري ويو.
حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 Encyclopædia Britannica Online ID: https://www.britannica.com/biography/Zhou-Youguang — subject named as: Zhou Youguang — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — عنوان : Encyclopædia Britannica
- ↑ 2.0 2.1 Bibliothèque nationale de France ID: https://catalogue.bnf.fr/ark:/12148/cb169958731 — subject named as: You guang Zhou — مصنف: Bibliothèque nationale de France — عنوان : اوپن ڈیٹا پلیٹ فارم — اجازت نامو: Open License
- ↑ NL CR AUT ID: https://aleph.nkp.cz/F/?func=find-c&local_base=aut&ccl_term=ica=jo2011617486 — اخذ شدہ بتاریخ: 1 مارچ 2022
- ↑ 4.0 4.1 NL CR AUT ID: https://aleph.nkp.cz/F/?func=find-c&local_base=aut&ccl_term=ica=jo2011617486 — اخذ شدہ بتاریخ: 7 نومبر 2022
- ↑ Douban personage ID: https://www.douban.com/personage/27560551/ — اخذ شدہ بتاریخ: 6 جُولاءِ 2024
- ↑ China's Zhou Youguang, father of Pinyin writing system, dies aged 111 - BBC News
- مضمون جن ۾ لاطيني ٻولي جو متن شامل آھي
- وڪي ڊيٽا جي مواد جو استعمال ڪرڻ وارو صفحات
- مضمون جن ۾ چيني ٻولي جو متن شامل آھي
- 1906ع جون پيدائشون
- 13 جنوري جون پیدائشون
- صفحات مع وڪي ڊيٽا حوالو
- 2017ع جون وفاتون
- 14 جنوري جون پیدائشون
- وڪي ڊيٽا سانچن ۾ غلطي
- ڪم جي ٻولي وڪي ڊيٽا کان ماخذ
- دلچسپي وڪي ڊيٽا مان اخذ ٿيل
- Imdb ڳنڍڻو وڪي ڊيٽا مان اخذ ٿيل
- مقالا جن ۾ روايتي چيني-ٻولي جو متن آهي
- لساني سانچا
- چين
- شخصيتون
- چيني ٻولي
- رومن لپي